عبدالفتاح عابد لاشاري

عبدالفتاح ‘عابد’ لاشاري: شاعر، ڪهاڻيڪار، صحافي، مصور ۽ سماجي ڪارڪن، عبدالفتاح ‘عابد’ لاشاري، 20 فبروري 1946ع تي جيڪب آباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر عبدالڪريم ‘گدائي’ جي گهر ۾ جنم ورتو. شاعري کيس والد کان ورثي ۾ ملي. سندس تعليم ايم. اي (معاشيات) هئي. تعليم جي حاصلات بعد ڪجهه عرصو ماستر ۽ ڪجهه عرصو ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ ٽريسر رهيو، جنهن بعد صحت کاتي ۾ فيملي پلاننگ آفيسر مقرر ٿيو، پر اتان بعد ۾ ڪڍيو ويو. شاگرديءَ دوران مشاعري جي شروعات ڪيائين. اڳتي هلي ڪهاڻيون لکيائين. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ‘اکڙيون آسروند’ شايع ٿيل آهي. سندس شاعري، ڪهاڻيون ٻين موضوعن تي لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. ان سان گڏ پاڻ بهترين مصور پڻ هو. کيس ڳائڻ جو سٺو فن هوندو هو. ادبي پروگرامن ۾ ڳائيندو هو. ڪراچي ٽي. وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ شاعري توڙي نثر ۾ لکيائين. صحافت ۾ سرگرم رهيو. مختلف اخبارن جي نمائندگي ڪرڻ بعد 1990ع ۾ جيڪب آباد مان هفتيوار اخبار ‘ساحر’ جاري ڪيائين. ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. سگا سان به وابسته رهيو. بهترين ڊزائينر پڻ هو. ڪيترن ئي ڪتابن جا ٽائيٽل تيار ڪيائين. کيس علمي ادبي، صحافتي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ مليا. عبدالفتاح ‘عابد’ 06 اپريل 2000ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.02.20  عيسوي

عبدالفتاح ‘عابد’ لاشاري، 20 فبروري 1946ع تي جيڪب آباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر عبدالڪريم ‘گدائي’ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2000.04.06  عيسوي

عبدالفتاح ‘عابد’ 06 اپريل 2000ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاسم رضا پيرزاده
شاهه محمد نابينا
رياض باقر ڊاڪٽر
ڀڳوان ايس گدواڻي
ارباب الهجڙيو
ظهير عباس
پير محمد ابراهيم خليل جان سرهندي
رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
الستي عبدالغفور
ڏاهري غلام قادر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون